سنڌي English

   

Sindhi Language Authority

     
   
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻولي



سنڌي ٻوليءَ جو شمار پاڪستان جي وڏين ٻولين ۾ ٿئي ٿو، جيڪا چارڪروڙ عوام ڳالھائي ۽ سمجھي ٿو ھي ھن خطي جي قديم ٻولي آھي، جنھن کي پنھنجي شاھوڪار ثقافت جو وسيع پس منظر۽ لوڪ ادب آھي سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا آثار5000 سالن کان اڳ جي قديم آثارن جي کوٽائي مان مليا آھن


لساني حدون
سنڌي ٻوليءَ جون حدون، صوبي کان ٻاھر اتر ۾ اڳوڻي رياست بھاولپور، ملتان، اتر اولھ ۾ بلوچستان جي، مڪران، لس ٻيلي، ڪڇي، ناڙي علائقن تائين پھچن ٿيون. سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪندڙ ڪوھستاني علائقي ۾ پڻ وڏو تعداد، سنڌي ڳالھائيندڙن جو آھي. ان کان علاوه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مادري زبان جي حيثيت پڻ حاصل آھي. بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بلوچي سان گڏ بنيادي زبان طور پڻ ڳالھايو ويندو آھي
جدگال، گوادر، اورماڙا ، پسني ۽ اڳتي خليج، مسقط، ابوظھبي ۽ ان سان لاڳو ساحلي علائقن ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو وڏو تعداد موجود آھي. ڪڇ، گجرات ۽ ھندستان جي ڪاٺياواڙ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ سنڌيءَ کي رابطي واري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آھي. اوڀر ۾ ھن ٻوليءَ جون حدون راجپوتانا کان علاوھ اڳوڻين رياستن مارواڙ، جيسلمير ۽ ٻين پاڙيسري علائقن تائين پھتل آھن
انگريزن کان آزاديِءَ ۽ پاڪستان جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ھندن جو ھڪ وڏو تعداد ڀارت لڏي ويو، جيڪي ھاڻي ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آھن ۽ گھر ۽ ڪاروبار ۾ سنڌي استعمال ڪن ٿا
پاڪ و ھند کان علاوه ٻين ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: تنزانيا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، ڏکڻ آفريڪا، مداگاسڪر، اوڀر آفريڪا، انگلنڊ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ اندازاً 4،00،000 ماڻھو سنڌي ٻولي ڳالھائين ٿا. ان کانسواءِ ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ڏورانھن علائقن جا اھي واپاري، جيڪي 20 صديءَ جي شروع ۾ انھن علائقن ۾ آباد ٿيا، پڻ سنڌي ڳالھائين ٿا




   
 
 
   
   
 
 
  ڇپايل ڪتابن جي فهرست  
     

 

 

Encyclopedia

آن لائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ويب سائيٽ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ڊائونلوڊ سي ڊي

Learn Sindhi in urdu medium

آن لائين سنڌي لرننگ ڪورس

ڊائون لوڊ سنڌي لرننگ

Online Sindhi Dictionaries

آن لائين سنڌي ڊڪشنريز

ڊڪشنريز (لغتون) ڊائون لوڊ ڪريو

سنڌي سکو

آن لائين آئيئي سنڌي سيکين

ڊائون لوڊ آئيئي سنڌي سيکين
پي ڊي ايف & آڊيو

 
 

ڊائون لوڊ

ٽائيپنگ ٽيوٽر
آئيئي سنڌي سيکين
سنڌي ڪي بورڊ

ذريعا

لائبريري
ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ هال
قليچ ڪتاب گھر

لنڪس

سنڌ
سنڌي ٻولي
سنڌي اسڪرپٽ

 

ڪاپي رائيٽ 2013 سنڌي ٻولي اٿارٽي

لي آئوٽ ڊزائينر : ارونا حسين
ڊولپرس : سنڌي انفرميٽڪس سيڪشن