سنڌي English

   

Sindhi Language Authority

     
   
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

شعبا


انتظامي شعبو
هي شعبو سڀني انتظامي معاملن ۽ اٿارٽيءَ جي عملي بابت معاملن لاءِذميوار آهي. عملي جي ڀرتي، ترقي، بدلي، مقتدري، سروس رڪارڊ رکڻ، انتظامي ۽ ٻين کاتن سان لکپڙهه، معلومات موڪلڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ هي شعبو ذميوار آهي


اڪائونٽس سيڪشن
اٿارٽيءَ ۾ اڪائونٽس، آڊٽ ۽ پلاننگ جو شعبو آھي، ھي سيڪشن بلن جي تياري، ادائيگي، حساب ڪتاب، پراجيڪٽس جي تياري، پي.سي.ون ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ جي اسڪيمن، سالانه بجيٽ ٺاھڻ جو ذميوار آھي.


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي تياري اٿارٽيءَ جي وڏين ۽ اهم اسڪيمن مان هڪ آهي، هي اسڪيم 1999 ۾ اٿارٽيءَ جي وسيلن سان شروع ڪئي ويئي هئي. هي باتقوير انسائيڪلوپيڊيا ٽن جلدن تي مشتمل آهي. ڪم جاري آهي جنهن جو پهريون جلد ڇپجي چڪو آهي . سنڌ، سنڌوماٿري ۽ تهذيب، سنڌوندي، موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڀنڀور، مڪلي، ٺٺو، شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شاهه لطيف جون سورميون، شهر، ڳوٺ، قائداعظم محمد علي جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شاهه مردان شاهه پير پاڳارو، جي ايم سيد وغيره جي موضوعن کان علاوه ٻين اهم ڪنوانن تي نهايت مستند معلومات ڏني ويندي. هن اهم ۽ تاريخي دستاويز ۾ سنڌ جي هر پهلو بابت مستند انگ اکر شامل هوندا.


بيورو آف پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن
بيورو آف پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن اٿارٽيءَ جو ھڪ اھم شعبو آھي، ھي شعبو سنڌي ٻولي ۽ ٻين مختلف موضوعن تي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ذميوار آھي، جيڪو گذريل ڏھن سالن ۾ تقريبن 130 ڪتاب ڇپائي چڪو آھي هيءُ شعبو پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي سفارش جي آڌارتي ڪم ڪندو آهي


ڪمپوزنگ سيڪشن
هي شعبو ڪتابن جي ڪمپوزنگ، ڊزائيننگ، اسڪيننگ جو ذميوار هوندو آهي


ريسرچ سيڪشن
سنڌيءَ ۾ سائنسي مواد تيار ڪندڙ، اداري جو ھيءُ سيڪشن مختلف سائنسي موضوعن تي ڏھ ڪتاب ڏيئي چُڪو آھي. ان کان علاوه وڌيڪ ڪتاب پڻ ڇپائيءَ لاءِ تيار آھن، جن ۾ دنيا جا عجائبات، موسم جا راز وغيره شامل آھن


ٻاراڻو ادب
ٻاراڻي ادب تي خاص توجھ ڏيندي، بيورو آف پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن جي نگرانيءَ ھيٺ ھڪ الڳ سيڪشن قائم ڪيو ويو آھي، ھن شعبي ۾ ھن وقت تائين، ٻاراڻي ادب بابت18 ننڍا ڪتابڙا ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن جڏهن ته ٻارن لاءِ سنڌي انگريزي رنگين ڊڪشنري ۽ ڪمپيوٽر بابت ڄاڻ تي ٻڌل ڪتاب پڻ شايع ڪيو ويو آهي. هن وقت ٻارن جي معلوماتي آکاڻين جي رٿا تياري ۽ اشاعت هيٺ آهي


پروگرام سيڪشن
سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۽ واڌاري جي پروگرامن جي انتظامن لاءِ هي شعبو قائم ڪيو ويو آهي. اڄڪلهه هي شعبو سرگرمين جي هڪ وڏي پروگرام تي عمل ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، سنڌي سکيا جا ڪلاس هلائڻ به هن شعبي جي ذميوارين ۾ شامل آهي
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اھم مقصدن مان سنڌي غيرمادري زبان وارن کي اردو ۽ انگريزي وسيلي سنڌيَ سيکارڻ آھي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اردو ذريعي سنڌي سکڻ جو ڪتاب لنگئافون ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. جڏھن ته ھڪ سي ـ ڊي تيارين جي مرحلن ۾ آھي. ان کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غيرسنڌي ڳالھائيندڙ آفيسرن، ملازمن ۽ عام شھرين کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪلاس هلايا ويا آهن. اي مينيوئل آف سنڌي، انگريزيءَ ذريعي سنڌي سيکارڻ جوڪتاب به ڇپايو ويو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلن تان سنڌي سيکارڻ جا پروگرام به شروع ڪيا ويا آهن


علامه غلام مصطفيٰ ريفرنس ائنڊ رسورس سينٽر
نئون قائم ٿيل ھيءُ رسورس سينٽر، محققن ۽ عالمن کي انتھائي اھم ۽ مددگار مواد مھيا ڪري ٿو.ھن شعبي ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڇپيل مواد کي سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۽ شاگردن کي فائدي پھچائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو آھي. ان مقصد لاءِ سنڌ ڊيٽابيس، ڊاڪيومينٽس وغيره بابت مواد گڏ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، لائبرري ۾ مختلف ڪارنر به قائم ڪيا ويا آهن


آڊيو ويوئل سيڪشن
ھن سيڪشن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجھ وقت ۽ ڪوششون درڪار رھنديون. 4 ڪمرن ۽ ھڪ ريڪارڊنگ اسٽوڊيو تي مشتمل ھن سيڪشن ۾ گھربل رڪارڊنگ جو سامان جلد مھيا ڪيو ويندو. ھيءُ سيڪشن اٿارٽيءَ جون سموريون سرگرميون رڪارڊ ڪري محفوظ ڪندو ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشھور پروگرامن ۽ موسيقيءَ جي ناياب ڪئسٽن جي ٻيھر رڪارڊنگ ۽ انھن جي مارڪيٽنگ جو انتظام ڪندو. اسٽوڊيو کي مسواڙ تي پڻ ڏنو ويندو. عام گڏجاڻين جي رڪارڊنگ کان علاوه ھيءُ سيڪشن آئوٽ ڊور ثقافتي پروگرامن جي پڻ رڪارڊنگ ڪري سگھندو.


سنڌي انفرميٽڪس
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران، سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ سنڌي انفرميٽڪس نالي شعبو قائم ڪيو ويوآھي.
محترم اياز شاھ ۽ محترم ماجد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ترقي ٿي آھي. محترم عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي نمائندي طور مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ سان ملاقاتون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي يونيڪوڊ ۾ جڳھ ڏياري، ھاڻ اسان ان قابل ٿي ويا آھيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اي ميل، ڪرڻ کان علاوه ويب سائيٽون ٺاھي ۽ ڊيٽابيس جو ڪم پڻَ ۾ ڪري سگھون ٿا. ونڊوز ايڪس پي ۾ يونيڪوڊ کي مڪمل سپورٽ آھي، ھي سڀ ڪم اسان ونڊوز ايڪس پي يا ونڊوز جي ايندڙ latest versions ۾ سولائيءَ سان ڪري سگھون ٿا. سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ جي حوالي سان ھي شعبوسافٽ ويئر وغيره ٺاھڻ ، ورڪشاپن ۽ سيمينارن جو پڻ بندوبست ڪندو آھي


مارڪيٽنگ سيڪشن
هي شعبو اٿارٽي جي ڇپيل ڪتابن کي وڪرو ڪري آمدني پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي. مارڪيٽنگ سيڪشن وڪري کي وڌائڻ جي سارسنڀال ڪندو آهي




   
 
 
   
   
 
 
  ڇپايل ڪتابن جي فهرست  
     

 

 

Encyclopedia

آن لائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ويب سائيٽ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ڊائونلوڊ سي ڊي

Learn Sindhi in urdu medium

آن لائين سنڌي لرننگ ڪورس

ڊائون لوڊ سنڌي لرننگ

Online Sindhi Dictionaries

آن لائين سنڌي ڊڪشنريز

ڊڪشنريز (لغتون) ڊائون لوڊ ڪريو

سنڌي سکو

آن لائين آئيئي سنڌي سيکين

ڊائون لوڊ آئيئي سنڌي سيکين
پي ڊي ايف & آڊيو

 
 

ڊائون لوڊ

ٽائيپنگ ٽيوٽر
آئيئي سنڌي سيکين
سنڌي ڪي بورڊ

ذريعا

لائبريري
ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ هال
قليچ ڪتاب گھر

لنڪس

سنڌ
سنڌي ٻولي
سنڌي اسڪرپٽ

 

ڪاپي رائيٽ 2013 سنڌي ٻولي اٿارٽي

لي آئوٽ ڊزائينر : ارونا حسين
ڊولپرس : سنڌي انفرميٽڪس سيڪشن