سنڌي English

   

Sindhi Language Authority

     
   
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد اٺون




انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو اٺون جلد ڇپجي چڪو آهي ، جيڪو 1252 داخلائن تي مشتمل آهي، هن جلد ۾ (س-)2 اکر جون داخلائون شامل ڪيون ويون آهن.
هي جلد سيپٽمبر 2013ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي.






انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ستون




انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ستون جلد ڇپجي چڪو آهي ، جيڪو 1186 داخلائن تي مشتمل آهي، هن جلد ۾ س اکر جون داخلائون شامل ڪيون ويون آهن.
هي جلد آڪٽوبر 2013ع ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي.






انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ڇهون




انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڇهون جلد ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، هن جلد ۾ ر، ڙ، ز اکرن جون داخلائون ۽ آخر ۾ الف کان خ اکرن جون اضافي داخلائون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. هي جلد فبروري 2013ع ۾ پڌرو ڪيو ويندو.









انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون




جلد پنجون هي جلد 616 صفحن ۽ 1930 مختلف داخلائن تي مشتمل آهي. جلد پنجين ۾ ڇهن اکرن (د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ ۽ ذ) جون داخلائون ۽ آخر ۾ الف کان ج اکرن تائين اضافي داخلائون پڻ ضميمي جي صورت ۾ ڏنل آهن. هي جلد سيپٽمبر 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
Rs: 1600









انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد : چوٿون




جلد چوٿون هن جلد ۾ به تاريخ، ادب، سائنس ۽ ڪائناتي موضوعن تي 2033 داخلائون، تصويرن سميت شامل آهن. 608 صفحن تي مشتمل جلد چوٿون ستن اکرن (ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح ۽ خ) تي مشتمل آهي، جيڪو جنوري 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. Rs: 1500









انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون)




انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٽيون جلد سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران تازو 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جيڪو 2533 داخلائن ۽ ٻن اکرن (پ، ج) تي ٻڌل آهي. هن جلد ۾ ڪل 700 صفحا آهن، هن جي چيف ايڊيٽر اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين آهي.

قيمت 1400 رپيا







انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٻيون)




انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٻيو جلد پڻ 2010ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو ڇهن اکرن (ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ ۽ ث جي 2571 داخلائن تي ٻڌل آهي)، هن جلد ۾ ضميمي طور 323 داخلائون پهرئين جلد جون پڻ رکيون ويون آهن. هن جلد جا 728 صفحا آهن.

قيمت 1000 رپيا







انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا  (جلد 1)




سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ جو پهريون جلد” الف ب ٻ“ اکرن جي اٽڪل3500 داخلائن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جلد ۾ %80 سنڌ سان لاڳاپيل مواد آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، تهذيب، ثقافت، ٻولي، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ %20 دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ايجادن ۽ ٻين موضوعن تي مواد شامل آهي.650 صفحن تي مشتمل هي اهم دستاويز 100 گرام آرٽ پيپر تي چئن رنگن ۾ ڇپايو ويوآهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين رنگين تصويرن سان آرٽ پيپر تي ڇپيل انسائيڪلوپيڊيا آهي. ڪتاب جون 2000 ڪاپيون ڇپايون ويون آهن مختلف ادارن ۽ علم دوست ماڻهن کي جلد آرڊر بڪ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.

هن انسائيڪلوپيڊيا جي چيف ايڊيٽر ۽ نگران ڊاڪٽر فهميده حسين آهي.

قيمت 750 رپيا







   
 
 
   
   
 
 
  ڇپايل ڪتابن جي فهرست  
     

 

 

Encyclopedia

آن لائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ويب سائيٽ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ڊائونلوڊ سي ڊي

Learn Sindhi in urdu medium

آن لائين سنڌي لرننگ ڪورس

ڊائون لوڊ سنڌي لرننگ

Online Sindhi Dictionaries

آن لائين سنڌي ڊڪشنريز

ڊڪشنريز (لغتون) ڊائون لوڊ ڪريو

سنڌي سکو

آن لائين آئيئي سنڌي سيکين

ڊائون لوڊ آئيئي سنڌي سيکين
پي ڊي ايف & آڊيو

 
 

ڊائون لوڊ

ٽائيپنگ ٽيوٽر
آئيئي سنڌي سيکين
سنڌي ڪي بورڊ

ذريعا

لائبريري
ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ هال
قليچ ڪتاب گھر

لنڪس

سنڌ
سنڌي ٻولي
سنڌي اسڪرپٽ

 

ڪاپي رائيٽ 2013 سنڌي ٻولي اٿارٽي

لي آئوٽ ڊزائينر : ارونا حسين
ڊولپرس : سنڌي انفرميٽڪس سيڪشن