ايپليڪيشنون

اداري پاران مختلف قسمن جون اينڊرائيڊ ايپليڪيشنون ۽ سافٽويئر پَڌرا ڪيا ويا آھن. جيڪي پڻ ھِن ويبسائيٽ ۾ موجود آھن.

سنڌي ٻولي جرنل

سنڌي ٻولي تحيقي جرنل پھريون ڀيرو 1998ع ۾ اداري پاران پڌرو ڪيو ويو ھو، 2008ع کان پوءِ پابنديءَ سان شايع ڪيو پيو وڃي

قليچ ڪتاب گهر

ٻولي، تحقيق ۽ تاريخ سميت مختلف موضوعن تي لکيل ناياب سنڌي ڪِتاب توھان اداري جي قليچ ڪتاب گهر مان حاصل ڪري سگهو ٿا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

انسائيڪوپيڊيا سنڌيانا، ھڪ عوامي ڄاڻ جي انسائيڪلوپيڊيا آھي جنھن ۾ سنڌ متعلق تمام گهڻي معلومات شامل ٿيل آھي.

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

سنڌي ٻولي اٿارٽي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. اٿارٽيءَ جو هڪ بورڊ آف گورنرس آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ سان گڏ، اٿارٽيءَ جي مقصدن لاءِ پاليسيون جوڙيندو رهندو آهي. هن اداري جو پهريون بورڊ آف گورنرس، سنڌ جي نامياري عالم ۽اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيو ويو هو. اٿارٽيءَ جي قيام واري وقت کان وٺي، مختلف عالم اديب هن اداري جا چيئرمئن مقرر ڪيا ويا، جن وقت بوقت پنهنجي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ استعداد سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو.

اداري ۾ مختلف ڏھاڙن تي سيمينار ڪوٺايا وڃن ٿا، جن ۾ توھان شرڪت ڪري سگهو ٿا

ايندڙ پروگرام ڏِسو

پريس رليز

اداري پاران جاري ڪيل پريس رليز جي مَتن ۾ ڦير ڦار ڪري شايع ڪرڻ قانوني ڏوھ آھي

2024-02-21

گهڻ ٻوليائي تعليم، مختلف…

وڌيڪ پڙھو
2023-08-29

سنڌي ٻوليءَ جو دفتري…

وڌيڪ پڙھو
2023-08-24

تحقيقي مقالي لکڻ جو…

وڌيڪ پڙھو

ميڊيا ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ تي توھان اسانکي ھيٺئين ايميل تي برقي ٽپال ذريعي اخبار يا رسالي جي ڪٽنگ پڻ اُماڻي سگهو ٿا

contact@sindhila.edu.pk - +92229240050

سنڌي ٻولي بنيادي طور غير- آريائي ٻولي آهي، جنهن کي ”سئندَوَ“ ٻولي يعني سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو، جا بنيادي طور توراني ٻولين جي خاندان سان واسطو رکي ٿي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو. اُن جو بڻ – بنياد اُن جو پنهنجو موروثي سرمايو ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ”پروٽو- پراڪرت“ يا ”پهرين پراڪرت“ تائين پهچي ٿي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

باوجود اِن ڳالهه جي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو مائٽاڻو ناتو ثابت ٿئي ٿو، سنڌيءَ جي تاريخ سنسڪرت کان به ڪُهني آهي، ۽ هڪ طرح سان سنسڪرت ۽ اُن سان لاڳاپيل تمدن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اُسريا آهن

سراج الحق
سنڌي ٻولي

سنڌي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ، انهيءَ ڪري ضروري آهي، جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ”سنڌيءَ“ ۾ آهي. عربي زبان کي رڳو ان ڪري زندهه رکڻ ضروري آهي، جو قرآن شريف ان ٻوليءَ ۾ آهي.

علامه آءِ آءِ قاضي
ٻولين جي سوانح

اشتھار

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران مختلف وقتن تي ڇپايل اشتھار

اداري جون ڪاميابيون

اٿارٽيءَ جون ڪُجهہ ڪاميابيون ھيٺ ڄاڻايل آھن

0

تحقيقي جرنل

0

ڪِتاب

0

ايپس ۽ سافٽويئر

0

ويب سائٽون

 اداري جون ائنڊرائيڊ ايپليڪيشنون گوگل پلي اسٽور تي
ويب
سائٽون